ايس بي جان

ايس بي جان

ايس بي جان

ايس بي جان: پاڪستاني فلم، ريڊئي ۽ ٽي وي جي مشھور گلوڪار سني بينجمن جان، ايس. بي. جان جي نالي سان مشھور هو. سندس والد جو نالو جان ۽ ڏاڏي جو نالو بينجمن ھو. ايس بي جان جو ڏاڏو بينجمن دھليءَ کان ڪراچي لڏي آيو هو، جتي ايس بي جان 18 آڪٽوبر 1934ع تي پيدا ٿيو. ايس بي جان ڳائڻ جي شروعات ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ کان 20 مئي 1950ع ۾ مھدي ظھير جي پروگرام کان ڪئي. پاڻ پنھنجي مامي ساڌو لال کان متاثر هو، جيڪو پنھنجي دور جو بھترين ڳائڪ هو. ايس بي جان راڳ جي سکيا پنڊت رام ترويدي کان ورتي، جيڪو ورھاڱي کان پھرين ڪراچيءَ ۾ رھندو ھو. سندس مشھور غزل (تو جو نھين هي تو ڪڇ ڀي نھين هي ) فلم ’سويرا‘ لا۽ 1959ع ۾ رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو ماسٽر منظور لاھور مان ڪراچي اچي، نون آوازن جي ڳولها ۾ ايس. بي جان کي پسند ڪندي اھو غزل رڪارڊ ڪيو، جنھن تمام گهڻي مشھوري ماڻي. 1967ع کان هن پي. ٽي. وي. تي ڳائڻ شروع ڪيو. پاڻ سندس ٻن پٽن رابن جان ۽ ڊونلڊ جان سان گڏ ڪيترن ئي محفلن ۾ ڳائيندو رهيو. سندس شمار 1960ع کان 1975ع جي مشھور گلوڪارن ۽ غزل گائڪن ۾ ٿيندو هو. ايس بي جان پنھنجي زندگيءَ ۾ صرف هڪ سنڌي غزل ڳايو، جيڪو ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي رڪارڊ ڪيو ويو. ايس بي جان ذوالفقار علي ڀٽي جو پسنديده گلوڪار هو. ڀٽو صاحب کيس ٻڌڻ لاءِ پاڻ وٽ گهرائيندو هو. سندس ٽيون پٽ گلين جان پڻ سٺو گائڪ آهي، جيڪو ملڪ کان ٻاهر رهي ٿو. ايس بي جان 5 جون 2021ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ ايس بي جانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو